آنند مٽائي

آنند مٽائي:آنند مٽائي 1930 ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ 44 سي، آرام ڪوآپريٽو سوسائٽي واڪولا، سانتاڪروز (ايسٽ)، بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سڃاڻپ اداڪار، هدايتڪار ۽ اسٽيج ڪنٽرولر طور اٿس.
اداڪار طور ”ناٽڪ ۾ ناٽڪ“، ”گستاخي معاف“، ”نمي ڏس“، ”پئسي جا رنگ“ ۽ ”رات جو يارهين بجي“ ۽ هدايتڪار طور ”پيار ڪري ڏس“، ”ضرورت آهي جوءِ جي“، ”پلئهُ پلي“ ۽ ٻين انيڪ ناٽڪن جهڙوڪ: ”ڏس پئسي جا رنگ“، ”طلاق“، ”هڪ ٻه ٽي“، ”ماءُ ته منهنجي“، ”واهه ڙي زمانا“ ۽ ”هيءَ يا هوءَ“ وغيره ۾ لائيٽنگ ڏنل. سنڌي رنگ منچ کان سواءِ هندي، مرهٽي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ پڻ لائيٽنگ ڏني اٿس. گجراتي سنسٿا آءِ. اين. ٽيءَ جي گهڻو ڪري سڀني ناٽڪن ۾ لائيٽنگ ڏنائين. مهاراشٽر راجيه ناٽڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ بهترين لائيٽنگ لاءِ انعام حاصل ڪيا اٿس. دهليءَ جي نئشنل اسڪول آف ڊراما مان ٽن سالن جو ڊراما ڪورس پاس ڪري، پهرئين سنڌي هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

آنند مٽائي:آنند مٽائي 1930 ۾ ڄائو . ورهاڱي کان پوءِ 44 سي ، آرام ڪوآپريٽو سوسائٽي واڪولا ، سانتاڪروز ( ايسٽ ) ، بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضي الدين صديقي ڊاڪٽر
ڄام مهڙ نوتيار
خير محمد پشوري
پير شيخ جيئو
سيد پريل شاھ
شهناز شيخ
تيجورام شرما
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
ترخان مرزا غازي بيگ
ڀانان مڱڻهار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون